سنڌ جي مختصر تاريخ/ليکڪ پاران

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
320132سنڌ جي مختصر تاريخ — ليکڪ پاران1920مرزا قليچ بيگ

پڌرو ھجي ته سنڌ جي وڏي تاريخ، تصويرن سان، سنڌيءَ ۾ مون اڳ ئي لکي آھي ۽ سنڌ جي تمام مختصر تاريخ مُلن جي مڪتبن لاءِ به اڳ ئي لکي اٿم. پر وچولي قسم جي مختصر تاريخ سنڌي ننڍن درجن ۾ پڙھائڻ لاءِ گهربل ھئي. انھن لاءِ مون ھيءَ سنڌ جي تاريخ سبقن ۾ لکي آھي جن جي پڙھڻ مان ننڍن پڙھندڙن کي مزو به ايندو ۽ سنڌ جي ڳنڍيل تاريخ به معلوم ٿيندي.

قليچ بيگ
آڪٽوبر 1916ع
حيدرآباد